”عمران خان ۽ شاهه محمود کي عيد نماز پڙهڻ نه ڏني وئي“

ملتان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زين قريشي دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي هن ڀيري به جيل ۾ عيد جي نماز پڙهڻ نه ڏني وئي.
ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زين قريشي جو چوڻ هو ته والد شاهه محمود قريشي کانسواءِ هي ٻي عيد آهي، اميد آهي ته عيد بعد شاهه محمود آزاد ٿي ويندو.
هن ٻڌايو ته سائفر ڪيس سياسي انتقام هو، هاءِ ڪورٽ انهي ڪيس ۾ باعزت بري ڪيو ته حڪومت 9 مئي جو بي بنياد ڪيس کڻي آئي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو، عام چونڊن ۽ 9 مئي جي جاچ اسانجو مطالبو آهي
pakistan imrankhan pti

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.