فاطما ڀٽو انٽوني بلنڪن تي ڪاوڙيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي، مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڌيءُ ۽ مقبول ليکڪا، سماجي ڪارڪن فاطما ڀٽو آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي بيان تي رد عمل ڏنو آهي.

سڄي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ گذريل ڏينهن جڏهن ته ڪجهه ملڪن ۾ اڄ عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي.

مسلمانن جي هن ڏڻ تي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد جون مبارڪون ڏيندي سوشل ميڊيا پيغام جاري ڪيو آهي.

هن پنهنجي پيغام ۾ اسلاموفوبيا ۽ نفرت تي ٻڌل تشدد کي منهن ڏيندڙن سان گڏ هجڻ ۽ ظلم ۽ تڪرارن کي منهن ڏيندڙ مسلمانن سان ايڪي جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته دنيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ آمريڪي مسلمان قيادت ۽ دنيا جي مسلم برادري جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.

ٻئي پاسي فاطما ڀٽو آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي بيان تي رد عمل ڏيندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن اوهان غزا ۾ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قتل ڪري رهيا آهيو، اسان کي عيد جي مبارڪ نه ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.