”ٽيم ۾ لڇڻ ناهن“ قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ به رانديگرن تي ڏمريل

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي مان ئي ٻاهر ٿيڻ تي قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن به رانديگرن تي ڏمريل آهي.
هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن رانديگرن جي بدترين ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽيم ۾ فٽنس ليول معياري ناهي،اسان اسڪل ليول تي دنيا کان گهڻو پوئتي آهيون،ايتري ڪرڪيٽ کيڏڻ باوجود خبر ناهي ته ڪهڙو شارٽ ڪهڙي ٽائيم کيڏڻو آهي.
ذريعن موجب گيري ڪرسٽن سينئر رانديگرن ۾ اختلافن ۽ ٽيم جي مامري تي ڪاوڙيل نظر آيو.
گيري ڪرسٽن ٽيم جي اتحاد تي به سوال اٿاريو ۽ چيو ته جڏهن کان مان آيو آهيان نوٽ ڪيو آهي ته ٽيم ۾ ٻڌي ناهي، چوڻ ۾ ته هي ٽيم آهي پر ٽيم ائين ناهي هوندي، ڪيترن ئي ٽيمن سان ڪم ڪري چڪو آهيان پر اهڙي صورتحال ناهي هوندي.
Pakistan PCT Garrychriston

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.