واٽس ايپ جي استعمال سان ڊپريشن ختم ٿي ويندو آهي:تحقيق

واٽس ايپ کي سڄي دنيا ۾ 2 ارب کان وڌيڪ ماڻهو استعمال ڪندا آهن، هاڻ ان جي استعمال سان صحت تي اثر پوڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
برازيل ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾خبر پئي آهي ته واٽس ايپ بزرگ ماڻهن ۾ تنهائي ۽ ڊپريشن جهڙن مرض جي روڪٿام جو موثر ٽول ثابت ٿي سگهي ٿو.
سائوپاولو يونيورٽي جي تحقيق ۾ برازيل جي شهر سان واسطو رکندڙ 603 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو.
تحقيق ٽيم ۾ سمورا ماڻهو 60 سالن جي وڏي ڄمار جا هئا ۽ اهي 24 پرائمري ڪلينڪس ۾ رجسٽر هئا.
انهن سمورن ۾ ڊپريشن جي تشخيص ٿي ۽ نشانين کي مدنظر رکندي ٻن گروپس ۾ تقسيم ڪيو ويو.
298 ماڻهن تي مشتمل هڪ گروپ کي هر هفتي 8 واٽس ايپ ميسيجز موڪليا ويا ۽ اهو سلسلو 6 هفتن تائين جاري رهندو.
نتيجن مان خبر پئي ته واٽس ايپ جا ميسيجز موصول ٿيڻ سان گروپ جي سمورن ماڻهن جي ڊپريشن جي نشانين ۾ شدت 42.4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ٻئي گروپ ۾ 32.2 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.
تحقيق ڪندڙن چيو آهي ته نتيجا مان واضح ٿي ويو آهي ته موبائيل فون ميسيجز بزرگ ماڻهن جي ڊپريشن جي علاج ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.