يوڪرين امن ڪانفرنس جي پڌرائي جاري، ڪيترن ئي ملڪن صحيحون نه ڪيون

برن (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ يوڪرين امن ڪانفرنس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن تي ڪيترن ئي ملڪن طرفان صحيحون نه ڪيون ويون.
ڪانفرنس ۾ شريڪ سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، ڀارت، ڏکڻ آفريقا، ٿائلينڊ، انڊونيشيا، برازيل ۽ ميڪسيڪو پڌرائيءَ تي صحيحون نه ڪيون.
ڪانفرنس جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته روس جي يوڪرين ۾ جنگ وڏي پئماني تي انساني مصيبتن ۽ تباهي جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي ۽ خطرن ۽ بحران جا عالمي اثر پيدا ڪري رهي آهي.
پڌرائيءَ موجب يوڪرين ۾ امن لاءِ سڀني ڌرين جي شموليت ۽ ڳالهيون ٿيڻ ضروري آهن.
پڌرائيءَ ۾ سڀني جنگي قيدين جي گڏيل تبديلي ۽ خوراڪ کي هٿيار نه بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ جوهري هٿيارن جو استعمال يا ڌمڪي نه قبولڻ جوڳي قرار ڏني وئي آهي.
سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس ۾ يوڪرين سميت 90 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي، جڏهن ته چين ۽ روس ڪانفرنس ۾ شامل نه ٿيا.

ukraine switzerland russia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.