رياض (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سان واسطو رکندڙ 34 ورهين جي عورت عرفات جي جبل تي صحتمند ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو، جنهن جو نالو عرفات رکيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي جبل الرحمه اسپتال جي ڊاڪٽر طارق محمد ابوالمطيٰ ٻڌايو ته ماءُ ۽ ٻار ٻئي صحتمند آهن، ٻار جو وزن 3 ڪلو 40 گرام آهي.
ڊاڪٽرن موجب پاڪستاني عورت 9 مهينن جي ڳورهاري هئي ۽ حج جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب پهتي هئي، هوءَ مقدس جبل تي عبادت ۾ مصروف هئي ته کيس تڪليف ٿي.
عرفات جبل تي موجود ٻين عورتن جي مدد سان پاڪستاني عورت پٽ کي جنم ڏنو، پوءِ ايمبولينس ذريعي ماءُ ۽ ٻار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
hajj2024 saudiarabia pakistan