فنڪار چاهت فتح علي خان ”بدو بدي“ گاني جو وڊيو يوٽيوب مان ڊليٽ ٿيڻ بعد مداحن جي مٿي تي سوار آهي.
پاڪستان،ڀارت،بنگلاديش سميت آمريڪا تائين وائرل ٿيندڙ انهي گاني انسٽاگرام تي ريلز کان وٺي وڊيوز تائين هر ڪنهن کي بدوبدي ڳائڻ تي مجبور ڪيو.
نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چاهت فتح علي خان جو چوڻ هو ته يوٽيوب طرفان جيڪڏهن گانو ڊليٽ نه ڪيو وڃي ها ته گانو 10 ڪروڙ ويوز به ڪراس ڪري ها.
هن ٻڌايو ته منهنجي ليگل ٽيم يوٽيوب انتظاميا سان رابطي ۾ آهي، جلد ئي يوٽيوب انتظاميا جي تعاون سان ٻيهر گانو اپلوڊ ٿي ويندو.
Pakistan youtube badobadi
You might also like