پگهاردار طبقو 375 ارب ۽ ايڪسپورٽرز 100 ارب ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن: ايف بي آر چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين زبير امجد ٽوانا چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 36 لک ريٽيلرز رڳو چار کان پنج ارب رپيا ساليانو ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ايف بي آر چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ پگهاردار طبقو ٽيڪس ذريعي قومي ناڻي ۾ 375 ارب رپين جو حصو وجهي رهيو آهي.
هن چيو ته ايڪسپورٽرز رڳو 90 کان 100 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ 36 لک ريٽيلرز رڳو 4 کان 5 ارب رپيا ساليانو ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا آهن، ايندڙ مالي سال ۾ ريٽيلرز کان ٽيڪس وصولي 50 ارب رپين تائين ٿي ويندي.
زبير ٽوانا چيو ته آءِ ايم ايف پگهاردار ۽ غير پگهاردار طبقي لاءِ هڪ جهڙا سليبس مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ 45 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح مقرر ڪرڻ جو چيو هو پر ڊگهين ڳالهين کانپوءِ آءِ ايم ايف پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ تي راضي ٿيو.

fbr imf pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.