آمريڪي پرڏيهي وزيرن جون سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد واڌايون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني آهي.
پنهنجي بيان ۾ انٽوني بلنڪن چيو ته هن ڀيري عيد اهڙي وقت ۾ آئي آهي، جڏهن ڪيترائي مسلمان اذيت ۾ مبتلا آهن، اسان جبر ۽ تڪرارن کي منهن ڏيندڙن سان گڏ آهيون.
هن چيو ته اسان اسلامو فوبيا ۽ نفرت تي ٻڌل تشدد کي منهن ڏيندڙن سان به گڏ آهيون، اسان دنيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ آمريڪي مسلم قيادت ۽ سڄي دنيا جي مسلم ڪميونٽيز جي خدمتن کي ساراهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته اسان پرامن مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ جو عهدو ڪيون ٿا.

usa eiduladha eidmubarak

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.