اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ هڪ عورت طلاق جي خوف کان پنهنجي تازي ڄاول ڌيءَ کي اغوا ڪرائي ڇڏيو، پوءِ پوليس ٻارڙي کي آزاد ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس ترجمان موجب عورت کي خوف هو ته ڌيءَ ڄمڻ تي مڙس کيس طلاق ڏئي ڇڏيندو، ان ڪري هن ڌيءَ کي اغوا ڪرايو.
ترجمان ٻڌايو ته ٻارڙي کي آزاد ڪرائي ٻن عورتن سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ٻارڙي جي ماءُ دائي کي اغوا کان اڳ ڪجهه رقم ايڊوانس ۾ ڏني هئي.
ترجمان موجب چئني جوابدارن جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو، جڏهن ته آزاد ڪرايل ٻارڙي والدين حوالي ڪئي وئي.
islamabad pakitsan couple