23 ورهين جي ناري گهر ڀاتين سان ڦِٽائي 80 ورهين جي شخص سان پسند پرڻو ڪري ڇڏيو

سوشل ميڊيا تي حيران ڪندڙ خبرون ته گهڻيون هونديون آهن پر ڪجهه اهڙيون هونديون آهن، جيڪي سڀني جو ڌيان ڇڪائي وٺنديون آهن.
اهڙي ئي هڪ خبر نه رڳو سڀني جو ڌيان ڇڪايو آهي پر سوشل ميڊيا واهپيدارن کي دنگ به ڪري ڇڏيو آهي.
توهان کي ٻڌايون ته هڪ 80 ورهين جي شخص 23 ورهين جي نوجوان ڇوڪريءَ سان پسند پرڻو ڪيو آهي، توهان کي يقين ڀلي نه اچي پر اهو سچ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب چين سان واسطو رکندڙ 80 ورهين جي شخص ”لي“ 23 ورهين جي ”زيائو فانگ“ سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي.
چين جي صوبي هيبي سان واسطو رکندڙ لي ۽ زيائو فانگ اڳ ۾ دوست هئا پر ٻنهي جي دوستي محبت ۾ تبديل ٿي وئي، پوءِ ٻنهي شادي جو فيصلو ڪيو.
توڙي جو ناريءَ جي گهر ڀاتين طرفان ان شادي جي مخالفت ڪئي وئي پر زيائو فانگ پنهنجي والدين سان رشتو ٽوڙي پيرسن شخص سان شادي جو فيصلو ڪيو.
رپورٽن موجب ناري 80 ورهين جي شخص سان شادي جو فيصلو سندس پراثر شخصيت، سمجهداري ۽ حڪمت مان متاثر ٿي ڪيو، جڏهن ته 80 ورهين جو لي، زيائو فانگ جي جواني، هوشيارپ ۽ معصوميت تي قربان ٿيو آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدار جتي ان جوڙي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا، اتي ئي وري ڪيترائي واهپيدار حيرانگي جو اظهار ڪرڻ سان گڏ کين مبارڪباد به ڏئي رهيا آهن.

china couple lovemarriage

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.