عيد جي ٻئي ڏينهن گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي 18 کان 22 جون دوران گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي جڏهن ته مختلف علائقن ۾ 16 کان 18 جون تائين موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.
18 جون تي عربي سمنڊ مان گهميل هوا مٿانهن ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن سان گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گجگوڙ سان برسات پئجي سگهندي.
18 جون کان 22 جون دوران اسلام آباد، راولپنڊي، مري گليات ۽ ٻين هنڌن تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
21 کان 22 جون دوران سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ڪجهه جاين تي گجگوڙ سان مينهن وسڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته 19 کان 22 جون دوران گرمي جي لهر ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
بلوچستان ۾ 18 کان 22 جون دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهندي…..

 

..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.