بابر شاهين جي ڪپتاني ۾ کيڏي ها ته منهنجي نظر ۾ سندس قد وڌي وڃي ها: شاهد آفريدي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته بابراعظم کي شاهين جي ڪپتاني ۾ کيڏڻ گهرجي ها اهڙي طرح سندس عزت منهنجي ۽ دنيا جي نظرن ۾ اڃا وڌي وڃي ها.
گذريل سال ڀارت ۾ ٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي کانپوءِ بابر اعظم کان ڪپتاني کسڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ شان مسعود کي ٽيسٽ جڏهن ته شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو.
آسٽريليا خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش جڏهن ته نيوزيلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز چار هڪ تان هارائي جنهن بعد پي سي بي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ بابر اعظم کي هڪ ڀيرو وري ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي جو ڪپتان مقرر ڪيو، جڏهن ته شاهين ٽيم جي نائب ڪپتاني قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هاڻ ان حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو آهي ته جيڪڏهن بابر اعظم ماضي ۾ اسٽينڊ وٺي ۽ چوي ها ته مان شاهين جي ڪپتاني ۾ کيڏڻ چاهيان ٿو ته منهنجي ۽ دنيا جي نظر ۾ بابر اعظم جي عزت اڃا وڌي وڃي.
شاهد آفريدي هڪ ڀيرو وري شڪايت ڪندي چيو ته شاهين کي ڪپتان بڻايو ۽ هڪ سيريز جي ناڪامي بعد کيس فوري طور ڪپتاني تان هٽايو ويو جيڪو غلط طريقوهو .
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران قومي ٽيم ۾ ڌڙابندي بابت تبصرو ڪندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته ڌڙابندي ڪنهن به ڪپتان کي ڪمزور بڻائي ڇڏيندي آهي.
هن چيو ته جڏهن ڪنهن ٽيم ۾ گروپ ٺهڻ لڳندا آهن ته ان جو مطلب هوندو آهي ته رانديگرن جي نظر ۾ ڪپتان جي عزت گهٽجڻ لڳي آهي.
سندس چوڻ هوته گروپ ٺهڻ سبب ڪپتان ڪمزور ٿي ويندو آهي ڇو ته اوهان هر ناڪامي تي بالرز کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهيو، ڪڏهن بيٽرز تي تنقيد ناهيو ڪندا، جيڪڏهن ڪپتان مضبوط هوندو ته ڪڏهن به ڌڙابندي جون ڳالهيون نه نڪرنديون.

BabarAzam ShaheenAfirdi ShahidAfridi PakistanCricketTeam T20WorldCup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.