مسجد نمره ۾ شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد حج جو خطبو ڏنو جنهن کانپوءِ نماز ادا ڪئي وئي.
شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد حج جي خطبي ۾ چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي ذات ۾ واحد آهي، پيغمبر صه جي عزت ڪندڙن فلاح ماڻيو.
هن چيو ته الله تعاليٰ حضرت محمد صه کي رحمت بڻائي موڪليو، جن ماڻهن پيغمبر صه جي عزت ڪئي، ايمان آندو ۽ ان نورِ الاهي جي پيروي ڪئي جيڪو نازل ٿيو، اهي ئي ڪامياب ماڻهو آهن.
هن چيو ته رسول صه فرمايو ته اي ماڻهو، مان الله جو رسول آهيان، جنهن جي هٿ ۾ سموري ڪائنات آهي، اهو ئي جياريندو آهي ۽ ماريندو آهي، اهو برحق آهي، ان تي ايمان آڻيو، اي ماڻهو، الله کان ڊڄندا رهو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ڏينهن پيءُ پٽ جي ۽ پٽ پيءُ جي ڪم نه ايندو، بي شڪ الله جو واعدو سچو آهي، توهان کي دنيا جي چمڪ ۽ شيطان دوکي ۾ نه وجهي ڇڏين.
خطبي ۾ چيو ويو ته جيڪو متقي آهي، ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ بهترين انجام ملندو، الله فرمايو آهي ته هو متقي ماڻهن کي فلاح سان نجات ڏيندو آهي….
الله تعاليٰ پنهنجي ذات ۾ واحد آهي، پيغمبر صه جي عزت ڪندڙن فلاح ماڻيو: حج جو خطو
You might also like