نيپرا پاران بجلي قيمتن ۾ 5 رپيا 72 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) نيپرا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 5 رپيا 72 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ، نيشنل اليڪٽرڪ  پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 5 رپيا 72 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  مالي سال 25-2024ع لاءِ بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي. نيپرا جي اعلان موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2024 کان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي. نيپرا موجب بجلي جو بنيادي ٽيرف 29.78 رپيا في يونٽ مان وڌي 35.5 رپيا ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي ڪابينا کي ئي ڪرڻو آهي، بجلي جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو واڌ ٿيندي يا بتدريج، اهو فيصلو ڪابينا ئي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.