رياستي ادارا پنهنجي پنهنجي رٽ لاءِ تحرڪ ۾ اچي ويا

اسلام آباد( معظم فخر): رياست مخالف قوتن کي اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي ٽي جواب ڏنا ويا آهن، جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سگهارا ادارا ۽ رياست پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ تحريڪ ۾ اچي وئي آهي، چيف  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي سڏايل اعلى سطحي اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ پاران قائم ڪيل ٻن اليڪشن ٽربيونلز کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو، جن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن خلاف مس ڪنڊيڪٽ جو الزام لڳائيندي انهن کي ذميوارين کان آجو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻئي خبر موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشيءَ کي سائفر ۾ ڪيس ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي غير موثر قرار ڏيندي انهن کي سائفر ڪيس مان آزاد ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو هو، جڏهن ته هاڻي وفاقي گهرو وزارت ان ڪيس خلاف اپيل کڻي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پهچي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته  آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت جيڪي عدالتون قائم ڪيون وينديون آهن انهن جو فيصلو حتمي هوندو آهي انهن کي چيلينج ئي نه ٿو ڪري سگهجي، اپيل ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي جيڪڏهن ٿورو به شڪ هيو ته ٽرائل ڪورٽ فيصلي ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي آهي ته ان کي اهو فيصلو واپس ٽرائل ڪورٽ اماڻڻ کپندو هو نه ڪي ان کي رد ڪري پنهنجي طرفان ڪو فيصلو ٻڌائڻو هو، اهڙي صورتحال جو مقصد اهو ٿيندو ته هاڻي سائفر ڪيس وري نئين سر سپريم ڪورٽ ۾ کلڻ پيو وڃي جنهن جو مقصد ٿيندو ته عمران خان لاءِ وري ڏکيا ڏينهن اچي رهيا آهن، ٽئين جواب موجب اينٽي ٽيرسٽ ڪورٽ سرگوڌا جي جج پاران 9- مئي جي واقعن ۽ ايئر بيس تي حملن جي الزام ۾ جن جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو هو، پوليس انهن کي وري گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چون آهي ته کين 9- مئي جي ٻين ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، اڄوڪي ڏينهن ۾ رياست جي ٻين ادارن ۽ سگهارن ادارن ۽ ماڻهن کي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن رياست ۽ سگهارن ادارن خلاف ڪوبه قدم کنيو ويو ته ان جو جواب ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.