آءِ پي ايل ۾ رنسن جا انبار لڳائيندڙ ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهليءَ عالمي ڪپ ۾ ناڪام

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي هن دفعي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ هينئر تائين ناڪام ثابت ٿي رهيو آهي.
ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ختم ٿيندڙ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) ۾ جتي ويرات ڪوهلي رنسن جا انبار لڳائي رهيو اتي عالمي ڪپ شروع ٿيندي سندس بيٽ کي زنگ لڳي ويو آهي.
آءِ پي ايل ۾ ويرات ڪوهلي هن ڀيري ست سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون هيون پر ورلڊ ڪپ جي شروعات ٽن ميچن۾ ڀارت لاءِ وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
ڀارتي ٽيم آمريڪا ۾ جاري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هنيئر تائين کيڏيل پنهنجون ٽئي ميچون کٽي چڪي آهي پر انهن ميچن ۾ ويرات ڪوهلي جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي.
ويرات ڪوهلي آئريلينڊ خلاف هڪ، پاڪستان خلاف چار رنسون ٺاهيون جڏهن ته آمريڪا خلاف کاتو کولڻ پهرئين ئي بال تي آئوٽ ٿي ويو هو.
ڀارت جي اسٽار بيٽر جي اهڙي قسم جي ڪارڪردگي تي سندس مداح مايوس نظر اچي رهيا آهن.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ViratKohli Indiancricketteam T20Worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.