ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: محمد رضوان هڪ ٻيو بُرو رڪاڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ڪئناڊا خلاف ففٽي اسڪور ڪري هڪ ٻيو منفي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم ڪئناڊا کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پهرين فتح حاصل ڪري ورتي آهي.
پاڪستان ڪئناڊا جهڙي ڪمزور ٽيم خلاف 107 رنسن جو هدف ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 18 هين اوور ۾ حاصل ڪيو .
ميچ ۾ محمد رضوان 53 بالن تي 53 رنز جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ ٻه چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ رضوان ففٽي ڪندڙ پهريون پاڪستاني بيٽر آهي جڏهن ته نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ اڌ سينچري ٺاهيندڙ ٽيون ڪرڪيٽر آهي.
هلندڙ ايڊيشن ۾ سست ترين ففٽي جو رڪارڊ محمد رضوان پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، ان کان اڳ اِهو رڪارڊ ڏکڻ آفريڪي بيٽر ڊيوڊ ملر وٽ هو، هن 50 بالن تي ففٽي اسڪور ڪئي هئي.

T20WorldCup2024 MohammadRizwan PakistanCricketTeam DavidMiller

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.