ايلون مسڪ تي عورت ملازمن سان جنسي لاڳاپا رکڻ جو الزام

اسپيس ۽ ايڪس جي سي اي او ايلون مسڪ تي هڪ انٽرن سميت پنهنجين ٻن ملازمن سان جنسي لاڳاپا رکڻ ۽ هڪ ورڪر سان ٻار پيدا ڪرڻ جي چوڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.
هڪ خصوصي رپورٽ ۾ آمريڪي خابرو اداري چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي مالڪ ايلون مسڪ اسپيس ايڪس ۽ ٽيسلا ٻنهي ادارن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي، جنهن عورت ملازمن کي بي چين ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان پهريان به ايلون تي اهڙي قسم جا الزام لڳي چڪا آهن ته هو بورڊ جي ميمبرن سان ڪم دوران ايل ايس ڊي، ڪوڪين،ايڪسٽيسي، مشروم ۽ ڪيئا مائن جهڙن نشي آور شين جو باقاعدگي سان استعمال ڪندو رهندو آهي.
اسپيس ايڪس جي هڪ ميزبان الزام لڳايو آهي ته ايلون مسڪ پاڻ کي ان آڏو بي نقاب ڪيو ۽ کيس 2016 ۾ جنسي لاڳاپا رکڻ جي بدلي ۾ هڪ جانور خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي.
2013ع ۾ استعيفيٰ ڏيڻ واري عورت الزام لڳائيندي چيو ته ايلون مسڪ کيس گهڻن موقعن تي ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ زور ڀريو هو.

ElonMusk Tesla Technology

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.