سخت فيصلا به ڪيا ويندا پر هن وقت ٽيم کي سپورٽ جي ضرورت آهي: نقوي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ٽيم بابت فيصلن لاءِ قوم کي انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي محسن نقوي کان پڇاڻو ڪيو ويو ته ٽيم جي تازي ڪارڪردگي کانپوءِ ڪهڙا فيصلا ڪيا پيا وڃن؟
جنهن جي جواب ۾ محسن نقوي چيوته فلحال ٽيم ميچون کيڏي رهي آهي، قوم کي ٽيم بابت فيصلن لاءِ انتظار ڪرڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته فلحال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ميچز باقي آهن، ٽورنامينٽ جي حتمي نتيجي جو انتظار ڪرڻ گهرجي.
پي سي بي چيئرمين اِهو به چيو ته هن وقت ٽيم کي سپورٽ جي ضرورت آهي، جهڙي به ٽيم آهي ان سان ئي ٽورنامينٽ ۾ اڳتي وڌڻو آهي.
محسن نقوي چيو ته سڀ ماڻهو دعا ڪري رهيا آهن ته ٽيم اڳتي وڃي، مشاورت جاري آهي فلحال ان معاملي تي بابت وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب نه آهي.

T20Worldcup2024 MohsinNaqvi Pakistancricketteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.