اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي جي انڪم ٽيڪس ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
بجيٽ دستاويز موجب 50 هزار رپيا ماهوار (6 لک رپيا ساليانو) آمدني وارن ماڻهن کي انڪم ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.
بجيٽ دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ساليانو 6 کان 12 لک ڪمائيندڙن جو انڪم ٽيڪس 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، هڪ لک رپيا ماهوار آمدني تي انڪم ٽيڪس 5 سيڪڙو آهي، ائين انڪم ٽيڪس 1250 مان وڌائي 2500 رپيا ڪيو ويو آهي.
ساليانو 12 کان 22 لک رپيا آمدني تي ٽيڪس 15 سيڪڙو ڪيو ويو، ماهوار هڪ لک 84 هزار 344 رپيا پگهار وارن تي انڪم ٽيڪس 15 سيڪڙو لاڳو هوندو، مطلب انهن ماڻهن جو انڪم ٽيڪس 11667 مان وڌائي 15 هزار رپيا ماهوار ڪيو ويو.
ساليانو 22 لک کان 32 لک رپيا آمدني تي ٽيڪس 25 سيڪڙو لاڳو هوندو، ماهوار 2 لک 67 هزار 667 رپيا پگهار تي ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪيو ويو، انهن جو انڪم ٽيڪس 28 هزار 770 مان وڌائي 35 هزار 834 رپيا ماهوار ڪيو ويو.
budget2024 pmln Muhammad Aurangzeb