بس گهڻو ٿيو ! وسيم اڪرم نئين ٽيم ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڀارت کان کٽيل ميچ هارائڻ کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر وسيم اڪرم نئين ٽيم ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪئناڊا خلاف پاڪستان جي ميچ کان اڳ هڪ اسپورٽس چئنل سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان ٽيم جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته مان هن ٽيم ۾ اِهو جذبو نٿو آڻي سگهان، اِهو انهن جي اندر مان اچڻ گهرجي.
وسيم اڪرم چيو ته بس گهڻو ٿيو، گهڻي حمايت ڪئي، هي بيان وائرل ٿئي ته ڀلي ٿئي مونکي ڪا به پرواهه ناهي، ڪنهن نه ڪنهن کي پاڪستاني ڪرڪيٽ بابت سچ ڳالهائڻو پوندو.
هن چيو ته معاملا هٿن مان نڪري رهيا آهن، ڪنهن جو موڊ آف آهي، ڪو ڪنهن سان ڳالهائڻ نٿو چاهي، ڇوڪرن کي ڇا ٿي رهيو آهي، انهن سموري ملڪ جي جذبن سان هٿ چراند ڪئي آهي.
وسيم اڪرم پي سي بي کي مشورو ڏيندي چيو ته نئين ٽيم ٺاهيو، نوان ڇوڪرا کيڏايو، هارائي ته رهيا آهيو، ڀلي هارايو، نون ڇورن کي تيار ڪيو، هڪ سال کانپوءِ هڪ ٽيم ٺهي ويندي.
هن اِهو به چيو ته حد ٿيندي آهي، ڪنهن شئي جي، آمريڪا۽ پاڪستامن ۾ موجود پوري قوم ڊپريس ٿي وئي آهي قوم ويچاري خوشيون ملهائي رهي هئي اسان ڊگهي عرصي کانپوءِ کٽي رهيا آهيون پر انهن چيو جيڪو وڻيوَ ڪيو اسان نه کٽينداسين.
اڳوڻي ڪپتان رانديگرن کي صلاح ڏيندي چيو ته وڃي آئيني ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏسو ۽ پاڻ کي چئو ته اسان کي ناهي کيڏڻو.

pakistancricketteam Wasimakarm T20WorldCup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.