بجيٽ 2024: پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ، گهٽ کان گهٽ اجرت 36 هزار مقرر

 

بجيٽ 2024: پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ، گهٽ کان گهٽ اجرت 36 هزار مقرر
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال لاءِ حڪومت 18 لک 87 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ اجلاس ۾ ناڻي واري وزير جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن ايوان ۾ گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو.
پر محمد اورنگزيب پنهنجي تقرير جاري رکي ۽ چيو ته ٽيڪس روينيو جو ٽارگيٽ 12 هزار 970 ارب رپيا مقرر ڪيو آهي، نان ٽيڪس روينيو جو هدف 4 هزار 845 ارب رپيا ۽ گراس روينيو جو هدف 17 هزار 815 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو، ان کانسواءِ سڪوڪ بانڊ، پي آءِ بي ۽ ٽي بلز مان 5 هزار 142 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو آهي.
هن چيو ته جاري خرچن جو هدف 17 هزار 203 ارب رپيا، وياج جي ادائيگي تي 9 هزار 775 ارب رپين جا خرچ هوندا، ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو امڪان آهي، اسان جون مالياتي استحڪام جون ڪوششون فائديمند ثابت ٿي رهيون آهن، سيڙپڪار ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته گريڊ هڪ کان 16 جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 کان 22 تائين آفيسرن جي پگهارن ۾ 22 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 22 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته گهٽ کان گهٽ ماهوار پگهار 32 هزارن مان وڌائي 36 هزار ڪئي وئي آهي.
بجيٽ جا اهم نڪتا
• مجموعي ڪاٿو 18 کرب 87 ارب کان وڌيڪ
• گريڊ هڪ کان 16 جي سرڪاري ملازمن لاءِ پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ
• گريڊ 17 کان 22 جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 22 سيڪڙو واڌ
• سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي تجويز
• گهٽ کان گهٽ اجرت 32 هزار مان وڌائي 36 هزار رپيا ڪئي وئي
• سولر پئنل لاءِ ڪچي مال ۽ پرزن جي درآمد تي رعايت جو اعلان
• ٽيڪس روينيو جو ٽارگيٽ 12 هزار 970 ارب رپيا مقرر
• دفاع لاءِ 2 هزار 122 ارب رپيا مختص
• وفاقي ترقياتي بجيٽ لاءِ 1400 ارب رپيا مختص
• انجڻ ڪيپيسٽي بدران گاڏي جي قيمت جي بنياد تي ٽيڪس وٺڻ جو فيصلو
• موبائل فونز تي برابر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز
• هائبرڊ ۽ لگزري اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي ڏني ويندڙ رعايت ختم
• پينشن خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ اسڪيم متعارف
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ واڌ جو اعلان
ناڻي واري وزير بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وڌيڪ 5 لک گهراڻن کي شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته بي آءِ ايس پي ۾ 27 سيڪڙو واڌ کانپوءِ رقم 597 ارب مختص ڪري رهيا آهيون.
هن اعلان ڪيو ته ڪفالت پروگرام تحت حقدارن جو انگ 9.3 ملين مان وڌائي 10 ملين ڪيو پيو وڃي، تعليمي وظيفن جي پروگرامن ۾ وڌيڪ 10 لک ٻارن جي داخلا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ انهن جو انگ 10.4 ملين ٿي ويندو.
هائبرڊ ۽ لگزري اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي ڏني ويندڙ رعايت ختم
بجيٽ دستاويز موجب نئين ٽيڪنالاجي سبب هائبرڊ ۽ عام گاڏين وچ ۾ اگهن ۾ تمام گهڻي فرق سبب هائبرڊ گاڏين جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 2013 ۾ رعايت ڏني وئي هئي.
بجيٽ دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت ٻنهي قسم جي گاڏين جي اگهن ۾ فرق گهٽجي چڪو آهي ۽ مقامي طور تي هائبرڊ گاڏين جي تياري شروع ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اها رعايت هاڻ واپس ورتي پئي وڃي.
ان کانسواءِ حڪومت لگزري اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي ڏني ويندڙ رعايت ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بجيٽ دستاويز موجب لگزري اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي ڏني ويندڙ رعايت واپس ورتي پئي وڃي، ڇو ته 50 هزار ڊالر ۽ ان کان وڌيڪ قيمت جون گاڏيون درآمد ڪرڻ جي سگهه رکندڙ ماڻهو واجب الادا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون به ادا ڪري سگهن ٿا.
انجڻ ڪيپيسٽي بدران گاڏي جي قيمت جي بنياد تي ٽيڪس وٺڻ جو فيصلو
بجيٽ دستاويز موجب موجوده قانون تحت ٻه هزار سي سي تائين جي گاڏين جي خريداري ۽ رجسٽريشن تي ايڊوانس ٽيڪس جي وصولي انجڻ ڪيپيسٽي جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي.
حڪومت جو چوڻ آهي ڇو ته اگهن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري اها تجويز ڏني پئي وڃي ته سڀني موٽر گاڏين لاءِ ٽيڪس وصولي انجڻ ڪيپيسٽي بدران گاڏين جي اگهن جي شرح تي ڪئي وڃي.
موبائل فونز تي برابر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز
بجيٽ دستاويز موجب برابر ٽيڪس ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته سڀني کي برابر موقعا ملن ۽ مارڪيٽ فورسز اثرائتي طريقي سان ڪم ڪري سگهن.
بجيٽ دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت موبائل فونز جي مختلف قسمن تي سيلز ٽيڪس جي برابر شرح لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
حڪومت موبائل فونز کي 18 سيڪڙو جي برابر شرح تي ٽيڪس ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، ايندڙ سال موبائل فون تي ڊيوٽي جي مد ۾ 24 ارب 81 ڪروڙ رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
سولر پئنلز تي رعايت جو اعلان
حڪومت طرفان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سولر پئنل انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ لاءِ درآمد تي رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
بجيٽ دستاويز موجب حڪومت طرفان برآمد ڪرڻ ۽ مقامي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ سولر پئنل تيار ڪندڙ پلانٽ، مشينري ۽ ان سان جڙيل اوزارن، انورٽرز ۽ بيٽرين جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪچي مال ۽ پرزن جي درآمد تي رعايت ڏني پئي وڃي ته جيئن درآمد ٿيل سولر پئنلز تي گهٽ ڀاڙي سگهجي ۽ قيمتي ناڻو بچائي سگهجي.

budget2024 muhammadaurangzeb pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.