پاڪستاني ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي اداڪارا ڪبريٰ خان ڪورين ڊرامن مان متاثر ٿيندي پاڪستان مردن کي به اهم مشورو ڏئي ڇڏيو.
اداڪارا ڪبريٰ خان پاڪستاني ڊرامن تي ڪورين ڊرامن کي ترجيح ڏيندي پنهنجي پسنديدگي جو کلي ڪري اظهار ڪيو.
اداڪارا تازو ئي هڪ ويب شو ۾ بطور مهمان شرڪت ڪئي، جنهن ۾ هن ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهائيندي چيو ته ڪورين ڊرامن ۾ مردن کي پنهنجي پيارن ۽ خاص ڪري عورتن لاءِ معمولي شين کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.
هن جو چوڻ هو ته پاڪستاني مردن کي درخواست ڪيان ٿي ته الله جي واسطي ڪورين ڊراما ڏسو ۽ انهن مان سکو ته پنهنجن پيارن سان ڪيئن پيش اچجي.
ياد رهي ته ڪبريٰ خان سيريل ”نور جهان“ ۾ نوربانو جي مرڪزي ڪردار ۾ نظر اچي رهي آهي.
KubraKhan Pakistan Showbiz
You might also like