سونم باجوا جي ڪري ڀارتي ڇوڪري جو مڱڻو ٽٽي ويو

مشهور ڀارتي اداڪارا سونم باجوا انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڇوڪري منهنجي جنون ۾ مبتلا مڱيندي سان مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو
سونم باجوا تازو ئي پنجابي فنڪار ۽ اداڪار ايمي ورڪ سان گڏجي پنهنجي فلم ” ڪڙي هريانا ول دي“ جي پروموشن ۾ مصروف آهي، ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو دوران ميزبان جي سوال تي پيش آيل عجيب و غريب واقعو ٻڌايو.
سونم باجوا ٻڌايو ته هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي پراڻي گهر ويس ان دوران مون ايئرپورٽ تي ماسڪ لڳائي رکيو هو، ايئرپورٽ تي هڪ عورت مون وٽ اچي پڇيو ته اوهان سونم باجوا آهيو؟ عورت جي سوال تي مون ها ڪئي ته هن چيو تنهنجي ڪري منهنجي مڱڻي ٽٽي وئي آهي.
هن چيو ته اها ڳالهه ٻڌي مان حيران ٿي ويس ۽ مونکي سمجهه نه آيو پئي ته ڪهڙو ردعمل ڏيان، پر بعد ۾ عورت ٻڌايو ته مون هڪ اهڙي ماڻهو سان مڱڻي ڪئي هئي جيڪو اوهان جو ديوانو هو، مونکي اها ڳالهه پسند نه هئي انڪري مون مڱڻي ختم ڪري ڇڏي.
Pakistan SonamBajwa Bollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.