اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت بجيٽ ۾ سولر پئنل تي رعايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حڪومت طرفان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سولر پئنل انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ لاءِ درآمد تي رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
بجيٽ دستاويز موجب حڪومت طرفان برآمد ڪرڻ ۽ مقامي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ سولر پئنل تيار ڪندڙ پلانٽ، مشينري ۽ ان سان جڙيل اوزارن، انورٽرز ۽ بيٽرين جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪچي مال ۽ پرزن جي درآمد تي رعايت ڏني پئي وڃي ته جيئن درآمد ٿيل سولر پئنلز تي گهٽ ڀاڙي سگهجي ۽ قيمتي ناڻو بچائي سگهجي.
budget2024 pmln solarpanel