ساهيوال ( ويب ڊيسڪ ) اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج بشريٰ بي بي جي مڙس خاور مانيڪا ۽ سندس پٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ساهيوال ۾ زمين تي قبضي واري ڪيس ۾ خاور مانيڪا ۽ سندس پٽ موسيٰ مانيڪا جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج آصف بشير گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري نوَ جولاءِ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن اوڪاڙا طرفان 11 آگسٽ 2023ع تي بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس ۽ پٽن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
بشريٰ بي بي جي اڳوڻي ۽ ٻنهي پٽن تي زمين تي قبضو ڪري مارڪيٽ اڏڻ جو الزام آهي، مارڪيٽ تعمير ڪري حڪومت ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو ويو .