اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ گاڏين جي خريداري ۽ رجسٽريشن تي ايڊوانس ٽيڪس انجڻ ڪيپيسٽي بدران گاڏي جي قيمت جي بنياد تي وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بجيٽ دستاويز موجب موجوده قانون تحت ٻه هزار سي سي تائين جي گاڏين جي خريداري ۽ رجسٽريشن تي ايڊوانس ٽيڪس جي وصولي انجڻ ڪيپيسٽي جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي.
حڪومت جو چوڻ آهي ڇو ته اگهن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري اها تجويز ڏني پئي وڃي ته سڀني موٽر گاڏين لاءِ ٽيڪس وصولي انجڻ ڪيپيسٽي بدران گاڏين جي اگهن جي شرح تي ڪئي وڃي.
Budget2024 pmln mohammadaurangzeb