بالي ووڊ فلمن ۾ پاڪستاني گانا چوري ڪيا ويندا آهن: ڀارتي ڊائريڪٽر جو انڪشاف

بالي ووڊ جي مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر لليت پنڊت انڪشاف ڪيو آهي ته سپر هٽ فلم ”عاشقي“ ۾ پاڪستاني گانا چوري ڪري شامل ڪيا ويا هئا.
لليت پنڊت پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته نوي جي ڏهاڪي ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”عاشقي“ سان شهرت حاصل ڪندڙ نديم ۽ شرون پاڪستاني گانا چوري ڪندا آهن، ۽ اهي انهي ڳالهه جي ڪري گهڻو سڃاتا به ويندا آهن.
هن ٻڌايو ته نديم دبئي ويندو هو ته پاڪستاني گانن جا گهڻحا ئي ڪيسٽ خريد ڪري آڻيندو هو ۽ ڀارت پهچڻ بعد شرون گانن کي ري پرڊيوس ڪري وٺندو هو.
سندس چوڻ هو ته نديم ۽ شرون پاڪستاني گانن جي صرف موسيقي ئي نه پر شاعري به ڪاپي ڪندا رهيا.
Bollywood PakistaniSongs Actor

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.