ذيبول ۾ عورتن جي استحصال ۽ اقليتي عورتن بابت خاموشي ٽوڙڻ جي عنوان هيٺ ڪانفرنس

ڪراچي (پ ر) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جي ڪرمنالاجي شعبي تحت عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن جو عنوان خاموشي ٽوڙڻ هو.

هي ڪانفرنس سائوٿ ايشيا ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار مينارٽيز جي سهڪار سان ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ ڪئي.

ڪانفرنس جا پينلسٽ ڪينيڊا، برطانيا، نيپال، ڀارت ۽ پاڪستان مان سرگرم اڳواڻ هئا.

گڏيل قومن جي اڳوڻي خاص نمائندي ڊاڪٽر فرنڊي ويرنس ڀارت ۾ مسلمان اقليتن سان خراب ورتاءُ جي چئلينجز ۽ گڏيل قومن جي قانون بابت آگاهي ڏني.

سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر سونو کنگراڻي ٻڌايو ته ڪهڙي ريت هڪ ٻئي سان ڳنڍجڻ سان صحت، تعليم ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ملي ٿي.

اسڪالر ڊاڪٽر انجمن آرا آسام ۾ اقليتي عورتن جي حالتن بابت بيان ڪيو.

فلم ساز محترمه عائشا ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن جي مسئلن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳالهايو.

عرفانا ياسر حساس موضوعن جي ذميواراڻي ميڊيا ڪوريج جي اهميت تي زور ڏنو جڏهن ته ڪرمنالاجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر خرم مهدي پاڪستان ۾ اقليتي برادرين جي تحفظ لاءِ قانون ۽ حقن جي وضاحت ڪئي.

وي سي عورتن جي تعليم تي زور ڏنو ۽ تجويز پيش ڪئي ته اقليتي عورتن خلاف تشدد خلاف مزاحمت ڪريو، يونيورسٽي ان حوالي سان قانونسازي لاءِ تجويزون پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.