شاهد آفريدي پراڻو رانديگر آهي ۽ کيس خبر آهي ته ٽيمن ۾ ڇا ٿيندو رهندو آهي. کيس اها خبر هوندي ته ٽيم ۾ ڪيتري ٻڌي آهي، اتحاد سان رانديگرن هڪ ٻئي سان ڪيئن رهي سگهن ٿا، شاهد آفريدي هڪ ذميوار رانديگر رهيو آهي هو هاڪاري ماحول به ڄاڻي ۽ اهو به ڄاڻي ٿو ته ناڪاري ماحول جا ڪهڙا سبب هوندا آهن.
ٽيم ۾ ڏڦيڙ ڪيئن پيدا ٿيندو آهي ۽ ان ۾ سليڪشن ڪاميٽي ۽ ٽيم جي ڪپتان جو ڪهڙو ڪردار هوندو آهي اهو به پراڻا رانديگر چڱي نموني ڄاڻيندا آهن پر اڪثر رانديگر چپ رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.