ٽنڊو محمد خان: 3 ميونسپل ملازم ساهه ٻوساٽجڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويا

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان ۾ مين هول جي صفائي ڪندي 3 سينيٽري ورڪر يونس عرف گوگي مسيح، بادل گجراتي ۽ يونس هدايت مسيح ساهه ٻوساٽجڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويا.

لاڏاڻو ڪري ويلن جا لاش بدين، حيدرآباد روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو.

ميونسپل چيئرمين سيد شاهه نواز شاهه ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن کي فوري طور تي نوڪري جا آرڊر ۽ 3، 3، لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

هن خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت کان هڪ ڪروڙ رپيا معاوضي جي سفارش ڪندو، تنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.