وزير اعظم پاران ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف ملڪ ۾ وڌندڙ گرمي کي مدنظر رکندي بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ ۽ بجلي چوري مهم ۾ صوبائي حڪومتن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزير اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي لوڊشيڊنگ،بجلي چوري جي روڪٿام ۽ توانائي جي شعبي ۾ ترميمن جي حوالي سان اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ وزير اعظم هدايت جاري ڪندي چيو ته بجلي نه هجڻ جي شڪايتون داخل ڪرائڻ لاءِ واهپيدارن کي سهولت فراهم ڪئي وڃي.
وزير اعظم ڪمپنين بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ ۽ بجلي چوري خلاف مهم ۾ صوبن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
PMshahbazSharif Pakistan WAPDA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.