هر شهري 2 لک 80 هزار رپين جو قرضي!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو هر شهري 2 لک 80 هزار رپين جو قرضي ٿي ويو.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب مالي سال 24_2023 جي اقتصادي سروي پيش ڪري ڇڏي.
سروي موجب ملڪ تي مجموعي قرض 67 هزار 525 ارب رپيا ٿي ويو آهي، جنهن ۾ مقامي قرض 43 هزار 432 ارب رپيا آهي،
اقتصادي سروي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ تي پرڏيهي قرض 24093 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هر شهري 2 لک 80 هزار رپين جو قرضي ٿي ويو آهي.
سروي موجب ملڪ جو مجموعي قرض جي ڊي پي 74.8 سيڪڙو آهي، ملڪ جا ٽوٽل پرڏيهي قرضا جي ڊي پي 28.6 سيڪڙو آهن.
Pakistan Public IMF

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.