ميونسپل ملازمن کي ماسڪ، گيس ڪٽ ۽ ٻيو سامان ڏيڻ گهربو هو: علي نواز ٽالپر

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ صفائي دوران مين هول ۾ لٿل ٽن ملازمن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير مير علي نواز ٽالپر مذمت ڪندي چيو آهي ته دنيا ترقي ڪري رهي آهي پر ٽنڊو محمد خان ۾ پراڻا طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته انتظاميا فوت ٿيل سينيٽري ورڪرز کي ماسڪ، گيس ڪٽ، وردي ۽ ٻيو سامان نه ڏنو جنهن سبب گٽر ۾ لٿل پورهيت فوت ٿيا آهن، اها انتظاميا جي لاپرواهي آهي ۽ خبر ناهي اهو سلسلو ڪيستائين هلندو.

سندس چوڻ آهي ته انتظاميا کي گهرجي ته گٽر جي مين هول ۾ لهڻ لاءِ گهربل سامان فراهم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.