جنگ ته جنگ ئي سهي، منهن ڏينداسين: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ باني سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان رابطي واريون ڳالهيون ڪوڙ آهن، عيد کان بعد حڪمت عملي جوڙينداسين، هر قسم جا نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
اسلام آباد ۾پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسان ملڪ ۾ هاڪاري جمهوري جدوجهد تي يقين رکندا آهيون ۽ پاڪستان کي اسلام فلاحي رياست ٺاهڻ چاهيون ٿا، اسان امن جو رستو اختيار ڪيو ۽ ان ئي رستي تي هلندي اڳتي وڌيا آهيون.
هن چيو ته عالمي قوتون ملڪ کي معاشي ۽ سياسي طور تي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ چاهن ٿيون، اسان جدوجهد ڪري عالمي قوتن جو مقابلو ڪنداسين.

MolanaFazulurRehman Pakistan JUI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.