ٽنڊي محمد خان: گٽر جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 3 ڄڻا فوت

ٽنڊو محمد خان ( ويب ڊيسڪ ) ٽنڊي محمد خان ۾ گٽر جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
مسجد اقصيٰ چوڪ وٽ سينيٽري ورڪر يونس عرف گوگو مسيح، بادل، چمن مسيح ۽ شام گٽر جي مين هول جي صفائي لاءِ هيٺ لٿا.
گٽر جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ ڪري صفائي عملي جي حالت خران ٿي وئي، شام مسيح پاڻ بچائي ٻاهر نڪري آيو.
امدادي ٽيمن پهچي هڪ ڪلاڪ جي ڪوشش بعد يونس عرف گوگو مسيح، بادل، چمن مسيح کي بيهوشي جي حالت ۾ ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اسپتال ۾ ڊاڪٽرن يونس عرف گوگو مسيح، بادل ۽ چمن مسيح جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
فوتي ٽنهي سينيٽري ورڪرز جي گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.