9 مئي ڪيس: عمر ايوب جي ضمانت واري درخواست خارج

سرگوڌا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جي 9 مئي هنگامن واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست خارج ڪئي وئي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت سرگوڌا جي جج 9 مئي ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي عمر ايوب جي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.
ٻئي پاسي عمر ايوب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمر ايوب سڄو ڏينهن عدالت ٻاهران موجود هو، پوليس کيس اندر اچڻ نه ڏنو، پوليس ايڪشن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين.
سرگوڌا ۾ اپوزيشن ليڊر کي عدالت ۾ وڃڻ کان روڪڻ تي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ واڪ آئوٽ ڪيو.
ان موقعي تي اسد قيصر چيو ته عمر ايوب کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ مذمت جوڳو آهي، حڪومت ڪڌن حربن تي لهي آئي آهي…….

PTI UmarAyub bailrejected 9Maycase
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.