الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي ذميدارن پاران قرباني في سبيل الله بابت پريس ڪانفرنس

لاهور (پ ر) نائب صدر ۽ چيئرمين ڪمييونٽي سروسز الخدمت فائونڊيشن پاڪستان ذڪرالله مجاهد چيو آهي ته قرباني في سبيل الله پراجيڪٽ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ الخدمت غزا جي فلسطيني متاثرن سميت يتيمن، بيواهن، مسڪينن ۽ مستحقن لاءِ پاڪستان ۾ 6 هزار وڏن ۽ 4 هزار ننڍن جانورن جي قرباني ڪندي جنهن مان 20 لک ماڻهن کي فائدو پهچندو.

غزا متاثرن لاءِ قرباني کانپوءِ عالمي معيار موجب هاف ڪڪ ٽن پيڪس ۾ گوشت غزا لاءِ موڪليو ويندو جيڪو ٻن سالن تائين استعمال جوڳو رهندو.

الخدمت فائونڊيشن هيڊ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ۾ الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي نائب صدر ذاڪر الله مجاهد، نيشنل ڊائريڪٽر پروگرام ميان بابر حميد، سي اي او خبيب بلال ۽ سينيئر مئنيجر ميڊيا رليشنز شعيب هاشمي شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.