پاڪستاني ڪرڪيٽر تجربيڪار آهن، هو ڄاڻن ٿا ته ڪيئن کيڏڻو آهي: گيري ڪرسٽن

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن جو چوڻ آهي ته سمورا رانديگر تجربيڪار آهن، کين اندازو آهي ته ڪيئن پرفارم ڪرڻو آهي.
نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گيري ڪرسٽن جو چوڻ هو ته هو نٿو سمجهي ته نيويارڪ جي وڪيٽ خطرناڪ هئي، هڪ بن جاين تي شارپ بائونس هو پر اِهو مسئلو ناهي، سلو آئوٽ فيلڊ سبب هتي وڏي ٽوٽل جا امڪان گهٽ هئا.
هن چيو ته منهنجي خيال ۾ 140 هتي سٺو اسڪور هجي ها، ڀارت کي ان کان گهٽ اسڪور تي قابو ڪري ورتو هو، ڪرڪيٽ رڳو چوڪن ڇڪن جي نالو ناهي، 120 رنسن جو هدف به دلچسپ ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اوهان پنهنجي راند بهتر نه ڪئي ته ڊگهي عرصي تائين نه کيڏي سگهندا.
هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ هر ڀيري پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو آهي، هدف پٺيان ڊوڙندي شروعاتي پندرنهن اوورن تائين سٺو کيڏياسين، اسان جي اِها ئي حڪمت عملي هئي، وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ رنسن جي رفتاري گهٽي ۽ اسان دٻاءُ ۾ اچي وياسين.

Pakistancricketteam GaryKirsten T20worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.