نيٽ فلڪس سبسڪرپشن پئڪيجز، پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ قرار

پاڪستان دُنيا جو اِهو اڪيلو ملڪ بڻجي ويو آهي جتي مشهور اسٽريمنگ نيٽ فلڪس جي سبسڪرپشن پئڪجز سڀ کان سستا آهن.
ڊسمبر 2023 ۾ Visual Capitalist جي مرتب ڪيل انگن اکرن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته سموري دنيا ۾ پاڪستان اِهو واحد ملڪ آهي جتي نيٽ فلڪس جي ماهوار سبسڪپرشن فيس سڀ کان سستي2.82 ڊالر آهي جيڪا اٽڪل 794 رپيا پاڪستاني ٿئي ٿي.
انگن اکرن موجب، پاڪستان کانپوءِ جن ملڪن ۾ نيٽ فلڪس جو ماهوار پئڪيج سستو آهي انهن ۾ ترڪي، مصر، نائيجيريا شامل آهن.
ٻئي پاسي نيٽ فلڪس جي سڀ کان مهانگي ماهوار فيس سوئيٽزر لينڊ ۾ 21.48 ڊالر آهي، ان کانسواءِ ڊئنمارڪ، گرين لينڊ، آئرلينڊ ۾ نيٽ فلڪس جي ماهوار فيس 16.46 ڊالر کان 15.49 ڊالرز تائين آهي.

Netflix Pakistan Newrate

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.