خبردار! سور ۽ سوڄ جي خاتمي لاءِ هيءَ انجيڪشن صفا نه لڳرايو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊريپ سور ۽ سوڄ ختم ڪندڙ انجيڪشن جي وڪري تي پابندي لڳائيندي مارڪيٽ مان کڻڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
ڊريپ ڪيڊليڪ انجيڪشن 30 ايم جي ڪو پراجيڪٽ ري ڪال الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو ته تنبيهي خط ريگيوليٽري فورس، فارميسيز، ڊاڪٽر لاءِ آهي، اها انجيڪشن بروڪس فارما ڪراچي جي تيار ڪيل آهي.
الرٽ ۾ چيو ويو ته ڪيڊليڪ ڪيٽوروليڪ سالٽ سان تيار ڪيل اينٽي انفليميٽري انجيڪشن آهي، انجيڪشن جا بيچز مارڪيٽ مان واپس کڻائڻ جو فيصلو ٿيو آهي.
الرٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بروڪس فارما رضاڪاراڻي طور انجيڪشن مارڪيٽ مان کڻائي رهي آهي، سپلاءِ روڪي وئي آهي، انجيڪشن جي وائلز ۾ غير ضروري ذرن جي تصديق ٿي آهي.
الرٽ ۾ چيو ويو ته غير معياري دوا جو استعمال ڦڦڙن جي ٽشوز لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو ۽ رت ڄمڻ جي شڪايت ٿي سگهي ٿي، ڪيمسٽ ڪيڊليڪ انجيڪشن جي متاثر بيچز جي سيل روڪڻ لاءِ اسٽاڪ چين ڪن ۽ فارميسيز به اهي ڪمپني کي واپس ڪن، جڏهن ته ڊاڪٽر مريضن کي ان جو استعمال نه ڪرائين.

DrugRegulatoryAuthorityofPakistan Drap pakistan
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.