ٻن مهينن ۾ معاملا طئي ٿي ويندا: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد آرمي چيف کي عام معافي جو اعلان ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سڀني بي ڏوهن کي عام معافي ملڻ گهرجي، اپيل آهي ته آرمي چيف عام معافي جو اعلان ڪري.
هن چيو ته ٻه مهينا اهم آهن، ٻن مهينن ۾ قبضا گروپ جي سياست جو فيصلو ٿي ويندو، عيد کانپوءِ قرباني ٿيندي.
صحافي سوال ڪيو ته توهان سياست ڇڏي ڏني آهي؟ جنهن تي شيخخ رشيد چيو مان ٻن مهينن تائين پاسي تي آهيان، ٻن مهينن ۾ معاملا طئي ٿي ويندا.

shaikhrasheed pti armychief

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.