”ٽيم ۾ ڇا پيو هلي سڀ سمجهان پيو“ نقوي جو ورلڊ ڪپ بعد آپريشن ڪلين اَپ جو اعلان

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته قومي ٽيم کي ننڍي پر وڏي سرجري جي ضرورت آهي، وقت اچي ويو آهي ته واري جي انتظار ۾ ويٺل ٽيلينٽ کي موقعو ڏنو وڃي.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي مقابلي ۾ ڀارت هٿان شڪست تي مايوسي جو اظهار ڪندي ميچ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪي شڪست هر حوالي سان مايوس ڪندڙ هئي.
هن چيوته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت پنهنجي سڀ کان گهٽ درجي واري پرفارمنس تي آهي.
سندس چوڻ هو اسان سمجهيو ته پاڪستان ٽيم ۾ ننڍي سرجري سان ڪم هلي ويندو پر اڄوڪي انتهائي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ يقين ٿي ويو آهي ٽيم ۾ وڏي سرجري جي ضروت آهي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته قوم کي جلد وڏي سرجري ٿيندي نظر ايندي، اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج ٽيم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي.
هن چيو ته چيمپئنز ٽرافي لاءِ ٽيم تيار ڪرڻي آهي ۽ وقت اچي ويو آهي ته واري جي انتظار ۾ ويٺل ٽيلينٽ کي موقعو ڏنو وڃي.
هن اِهو به چيو ته پاڪستاني ٽيم کي دنيا جي هڪ بهترين ٽيم بڻائڻو، ڄاڻو ٿا ته ٽيم ۾ ڇا هلي رهيو آهي ۽ هارائڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن.

PCB Mohsinnqavi T20Worldcup2024 Pakistancricketteam IndvsPak

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.