گوگل ميپس ۾ وڏي تبديلي، ڇا نئون هوندو؟

هاڻوڪي ڏينهن ۾ ائين محسوس ٿيندو آهي ته ٽيڪنالاجي ڪمپنين کان پنهنجي لوڪيشن کي لڪائڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي.
اهو سبب آهي ته گوگل طرفان ماڻهن جي اهڙي تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ گوگل ميپس ۾ اهڙي تبديلي ڪئي پئي وڃي، جيڪا ان سروس کي بدلائي ڇڏيندي.
گوگل طرفان هاڻي واهپيدارن جي ڊيٽا کي ڪلائوڊ سرور بدران انهن جا ڊيوائز ۾ ئي محفوظ ڪيو ويندو.
ان تبديلي سان گوگل ميپس جي واهپيدارن جي پرائيويسي کي وڌيڪ تحفظ ملندو.
گوگل طرفان ٻڌايو ويو آهي ته پهرين ڊسمبر تائين واهپيدار پنهنجي لوڪيشن هسٽري کي موبائل ڊيوائسز تي منتقل ڪري سگهن ٿا، جنهن بعد پراڻي ڊيٽا کي ڪلائوڊ سرور کان به ڊليٽ ڪيو ويندو.
لوڪيشن هسٽري مان مراد ان علائقن يا جڳهن جو اهڙو انڪرپٽڊ رڪرڊ آهي جتي اوهان وڃي چڪا آهيو.
GoogleMaps NewFeature Technology

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.