سنڌ ۾ برساتن سبب ٻوڏ جو خطرو، حڪومت ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ برسات سبب اربن فلڊنگ جو خطرو آهي، چيف سيڪريٽري خبردار ڪري ڇڏيو.
امڪاني طوفاني برسات بعد جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جولائي کان سيپٽمبر تائين معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، برسات ۽ گليشيئر پگهرجڻ سبب 5 کان 6 لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياءُ ۾ اچي سگهي ٿو.
چيف سيڪريٽري سنڌ جو چوڻ هو ته رليف کاتو سمورن ادارن جي موسميات ۽ انتظامن تي انتظاميا کي آگاهي ڏيندو رهي، ڪچي جي ماڻهن کي به صورتحال کان آگاهه رکيو وڃي.
هن چيو ته صحت کاتو اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائي وڃي.
ان کان علاوه صوبائي وزير سعيد غني به بحالي جي ڪمن ۾ بلدياتي نمائندن کي به شامل ڪرڻ جي هدايت ڏني.
صوبائي وزير چيو ته هنگامي صورتحال ۾ يوسي سطح تي رليف ڪئمپ قائم ڪري ضروري شين کي گودامن ۾ رکيو وڃي، حيدرآباد ۾ واسا کي جلد فنڊ ڏنا ويندا.

Rain Sindh UrbanFlooding

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.