اسلام آبد (ويب ڊيسڪ) 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج ناصر جاويد راڻا عهدي جي چارج ڇڏي ڏني.
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا 3 سالن جو ڊيپوٽيشن پيريڊ مڪمل ٿيڻ تي عهدي جي چارج ڇڏي ڏني.
ناصر جاويد راڻا جون خدمتون لاهور هاءِ ڪورٽ کي واپس ملي ويون، جج ناصر جاويد راڻا جي عدالت ۾ صدر آصف علي زرداري، نواز شريف سميت ٻيا اهم ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.
جج ناصر جاويد راڻا پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪري رهيو هو.
lahore pakistan nasirjavedrana