سائنس فڪشن فلمن جهڙي سمارٽ لينس جي تياري ۾ اهم اڳڀرائي

ڪجهه فلمون اهڙيون هونديون آهن، جن ۾ ڏيکاري ويندڙ سائنس فڪشن جا خيال سائنسدانن کي حقيقي بڻائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن.
مشن امپاسبل 4 جي هڪ سين ۾ ڏيکاريو ويو هو ته هڪ ڪردار ڪانٽيڪٽ لينس پائي تصوير وٺندو آهي ۽ سنگاپور جي هڪ سائنسدان ان مان متاثر ٿي سنهڙي بيٽري تيار ڪئي آهي جنهن کي ڪانٽيڪٽ لينسز ۾ نصب ڪري سگهجي ٿو.
هڪ يونيورسٽي جي ايسوسي ايٽ پروفيسر موجب ان جي ايجاد سمارٽ لينس جو خواب حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيندي.
هن ٻڌايو ته مشن امپاسبل جي هڪ سين مان متاثر ٿي ڪري سمارٽ لينسز جي شعبي ۾ اڳڀرائي جي باري ۾ سوچيو.
پروفيسر لي سيوڪ ۽ سندس ٽيم جي تيار ڪيل بيٽري صرف 0.2 ملي ميٽر ٿلهي آهي، جيڪا 0.5 ملي ميٽر ٿولهه واري لينس ۾ فٽ ڪري سگهجي ٿي.
پروفيسر موجب ليٿيم بيٽري محفوظ ناهي ڇو ته اهڙين بيٽرين ۾ باهه لڳڻ ۽ ڦاٽڻ جو خطرو هوندو آهي.
ان سبب جي ڪري اليڪٽروڊ مٽيريل تيار ڪيو، جنهن کي ڪانٽيڪٽ لينس اندر نصب ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙي طرح اها بيٽري ڳوڙهن سان به چارج ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.