ڪراچي ايئرپورٽ جي رن وي جي ٻيهر تعمير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مين رن وي جي ٻيهر تعمير جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.
اپ گريڊيشن سان رن وي هڪ هزار فوٽ وڌي 11500 فوٽ ڊگهو ٿي ويندو، منصوبي تي عيد کانپوءِ ڪم شروع ٿي ويندو.
معاهدي تي صحيحن جي تقريب سول ايوي ايشن هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿي، ٻيهر تعمير کانپوءِ ڪيٽيگري فور ايف تائين وائيڊ باڊي جهاز رن وي استعمال ڪري سگهندا.
بهتر ايئر سائيڊ انفرا اسٽرڪچر مسافرن ۽ فلائيٽس جي دٻاءَ کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، رن وي کي سينٽر لائن لائٽس ۽ ڪيٽ ون ايئر فيلڊ لائٽنگ سسٽم سان ليس ڪيو ويندو.

caa karachiairport sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.