سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ خالي پيل ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جون خالي جايون ڀرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران لاڳاپيل ڌريون عدالت ۾ پيش ٿيون.
عدالت ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جون خالي 56 هزار جايون 6 مهينن اندر ڀرڻ جو حڪم ڏنو، سيڪريٽري تعليم کي 40 مارڪون حاصل ڪندڙن جي ميرٽ لسٽ پڻ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪامياب اميدوارن جي ڪاغذن جي تصديق ڪئي وڃي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته جعلي ڪاغذن تي اميدوارن ۽ ڊي آر سي ميمبرن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرايو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته 6 مهين اندر ڪنهن به سٺي ساک واري ٿرڊ پارٽي ٽيسٽنگ ايجنسي ذريعي ڀرتيون ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.